اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف جي صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات، پي ٽي آءِ سان شروع ٿيل ڳالهين، مولانا فضل الرحمان جي مدرسن بابت بل تي مشاورت، ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. ايوان صدر ۾ حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن ۽ حڪومت جي اهم اتحادي پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي پارٽين قانوني معاملن تي سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته صدر وزيراعظم کي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. ايوان صدر ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف زرداري وچم اهم ملاقات ٿي، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي مامرن جي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ ميمبر قومي اسيمبلي سيد نويد قمر به موجود هيو. ايوان صدر جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ۽ وزيراعظم ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ جي عزم کي ورجايو، ٻنهي اڳواڻن وچم ٻنهي پارٽين جي ڪور ٽيم جي موجودگي ۾ ٿيل ملاقات دوران قانونسازي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڳواڻن قانوني معاملن تي سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آھي. جڏهن ته صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. ذريعن جو چوڻ آھي ته ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان جي مدرسن بابت بل تي وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل ڳالهين بابت به صدر کي تفصيلي آگاهي ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪي پي ڪي صوبي خاص طور تي ڪرم جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ذريعن موجب ايوانِ صدر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف زرداري وچ ۾ ملاقات دوران حڪومت سان اتحاد ۽ پنجاب ۾ پاور شيئرنگ بابت پيپلز پارٽي جي خدشن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ذريعن موجب صدر ۽ وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي معاملي تي به صلاح مشورا ڪيا، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.