صدر کي چئو مدرسا بل تي صحيح ڪري: فضل الرحمان پاران بلاول آڏو خدشا ظاهر

0
40
صدر کي چئو مدرسا بل تي صحيح ڪري: فضل الرحمان پاران بلاول آڏو خدشا ظاهر
صدر کي چئو مدرسا بل تي صحيح ڪري: فضل الرحمان پاران بلاول آڏو خدشا ظاهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر اسلام آباد ۾ ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ملاقات بعد بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهائڻ کان بغير روانو ٿي ويو. ملاقات ۾ جي يو آءِ مان سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، مولانا غفور حيدري، پيپلزپارٽي مان راجه پرويز اشرف، قمر زمان قائره به موجود هئا. ذريعن موجب ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان پاران مدرسن جي رجسٽريشن واري بِل تي صحيون نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ مان منظوري باوجود بِل تي صدر صحيح ڇو نه ڪئي؟ بلاول ڀٽو زرداري خاطري ڪرائي ته بِل تي صحيح واري معاملي تي صدر سان ڳالهائيندس، مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ملاقات صحافين جي سوالن تي راجا پرويز اشرف چيو ته ملاقات سٺي رهي، مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته بلاول مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي صدر جي صحيح ڪرڻ بابت خاطري ڪرائي آهي، پارليامينٽ هن بل جي منظوري ڏني آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري مدرسن واري بل جي حوالي سان اڳ به آيو هو ۽ هاڻي به آيو آهي. بل تي صحيح ۾ رڪاوٽ ڪنهن ٻئي هنڌان اچي رهي آهي. صدر کي ڪهڙو اعتراض آهي ته هو صحي نه ڪري رهيو آهي. صدر کي اعتراض نٿو ٿي سگهي رياست کي ڪو مسئلو آهي. صدر ڪنهن پارٽي جو ناهي هوندو. بلاول ڀٽو اسان کي خاطري ڪرائي آهي اميد آهي ته بهتر حل نڪرندو. ذريعن ٻڌايو آھي ته ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جي ٻنهي ايوانن پاران منظوري ڏيڻ باوجود صدر آصف زرداري پاران صحيح نه ڪرڻ بابت بلاول ڀٽو اڳيان پنهنجون شڪايتون رکيون، بلاول ڀٽو پنهنجو موقف پيش ڪيو. ياد رهي ته مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل سينيٽ پاران 20 آڪٽوبر ۽ قومي اسيمبلي پاران 21 آڪٽوبر تي منظور ڪيو ويو هو،ان حوالي سان جي يو آءِ جي حافظ حمد الله پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل 26 هين آئيني ترميم جو حصو هوندي ايوان صدر ۾ لٽڪيل آهي. اسان کي ٻڌايو وڃي مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي صدر صحيح ڇو نه پيو ڪري. ٻنهي ايوانن مان بل پاس ٿيڻ تائين بلاول ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي آن بورڊ هئي. پوءِ ڇا رڪاوٽ آهي ڪير ۽ ڇو آهي؟ ڇا ايوان صدر پارليمينٽ کان سپريم آهي جيڪو مدرسن جي بل ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي. حافظ حمدالله چيو ته بلاول ڀٽو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي والد کي سمجهائي ته ڳالهه پارليامينٽ جي سپريميسي جي آهي. نه ته پوءِ مولانا فضل الرحمان تنگ آمد، جنگ آمد فارمولي تي عمل ڪرڻ جو حق رکي ٿو. جنهن جو رستو ڳالهين يا لٺين ذريعي روڪڻ ممڪن ناهي. بلاول ڀٽو وٽ اِهي ئي ٻه آپشن آهن.