اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان ڪنهن به وقت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، عارف علوي ڪنهن به وقت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري سگهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر جي قانون واري وزير سان ملاقات دوران اليڪشن جي تاريخ جي اعلان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت جي راءِ آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. هوڏانهن نگران وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي به چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي، آئين تحت چونڊن آخري آدمشماري تحت ٿيڻيون آهن، تڪبندين جو شيڊول اليڪشن ڪميشن پاران جاري ٿي چڪو آهي، موجوده نگران حڪومت ذميوار، قانوني ۽ آئيني آهي، اهڙي اليڪشن چاهيون ٿا جيڪا سڀ تسليم ڪن، آئين ۾ لکيل آهي ته ملڪ کي چونڊيل نمائندا هلائيندا، نئين پارليامينٽ چونڊجي ايندي ته ملڪ ان جي حوالي ڪنداسين، نگران حڪومت جو تصور به پارليامينٽ ڏنو.، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري وڏي پارٽي جو سربراهه آهي کيس اظهار راءِ جو پورو حق حاصل آهي، پي ٽي آءِ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي ان تي ڪائي پابندي ناهي، اهو عوام جو فيصلو هوندو ته ڪنهن کي چونڊي ٿو، وزير قانون جي صدر علوي سان معمول جي ملاقات هئيٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وفاقي قانون ۽ انصاف واري وزير احمد عرفان اسلم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان موجب صدر عاف علوي سان نگران قانون واري وزير جي اها هڪ هفتي دوران ٻي ملاقات آهي جيڪا عام چونڊن تي جاري مشاورت جي حوالي سان ڪئي وئي. ملاقات دوران آئيني ۽ قانوني معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. ترجمان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مشاورتي عمل جو سٺي نيت سان جاري رهڻ جمهوريت لاءِ مثبت آهي. ياد رهي ته صدر عارف علوي جون نگران قانون واري وزير سان ملاقاتون اهڙي وقت ۾ ٿي رهيون آهن جڏهن بحث هلي رهيو آهي ته چونڊون ڪرڻ لاءِ تاريخ طئي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن يا صدر عارف علوي جو اختيار آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن هلندڙ سال چونڊن جو امڪان رد ڪري چڪي آهي ڇو ته نئين ڊجيٽل آدمشماري جي تحت تڪبندين سبب 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ممڪن نه ٿينديون. جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 224 جي تحت چونڊون منعقد ڪرڻ جي تاريخ 9 نومبر تي ختم ٿيندي.