لنڊن(م ڊ) برطانوي وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي دماغ ٿڌو رکڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، ايران تي حملي جي منصوبي جي منظوري تي ردعمل ڏيندي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته جهيڙيندڙ ڌُريون پوئتي هٽي وڃن، ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي، برطانيا ٿڌي دماغ سان سفارتڪاري کي اڳتي وڌائڻ گهري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جو هر ماڻهو اسرائيل – ايران جنگ سبب خوف جو شڪار آهي.