صدر ٽرمپ جي بيانن جو نفسياتي تجزيو

0
33
صدر ٽرمپ جي بيانن جو نفسياتي تجزيو

سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ هاڻي ان حوالي سان ڪي به ٻه رايا ناهن ته دنيا تي صوبيداري يا ڏاڍمڙسي آمريڪا جي ئي هلي ٿي. جيڪڏهن ڪير معلوم ڪرڻ چاهي ته ‘هِن وقت دنيا ۾ سگهارو شخص ڪير آهي؟’ ته جواب ۾ ‘آمريڪي صدر جو نالو ئي اچي ٿو.’ طاقت ۽ توازن جي هن سڄي لقاءَ ۾ وري جي ڊونلڊ ٽرمپ جهڙو ماڻهو، دنيا جي طاقتور ترين ملڪ جو صدر ٿي وڃي ته حالتون يقينن ڪافي عجب جهڙيون ٿيون وڃن؛ جيئن مشاهدي ۾ اچن پيون. پاڪ – ڀارت وچ ۾ ڪلاڪن جي جنگ هجي يا ايران – اسرائيل جي ڏهاڙن تائين جي لڙائي، ڦري گهري سڄي دنيا جون نظرون آمريڪي صدر ۾ کُتَلَ رهيون. ملڪن وچ ۾ جنگيون هجن يا عالمي بحران انهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جا رويا ۽ بيان ڪيئن رهيا، انهن ۾ ڪيترا تضاد نظر آيا؟ اڄ هِن مضمون ۾ جاچڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

                 ويجهڙائيءَ ۾ ايران – اسرائيل جنگ ۾ جتي هڪ طرف آمريڪي صدر اَمُنَ ۽ مذاڪرات جي حمايت ڪئي ته اتي ٻئي پاسي ايران خلاف فوجي ڪارروائيءَ جي منظوري به ڏئي ڇڏي! نتيجي ۾ ايران تي سڌو آمريڪي حملو ٿيو. هِي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ نفسيات جا ماهر ان ذهني صورتحال، جنهن ۾ واضح تضاد نظر اچن ٿا، کي سياسي حڪمتِ عملي يا عوامي توجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش طور تي ته ڏسن ئي ٿا پر انهن جي خيال موجب اهو رويو ماڻهوءَ جي گهِري نفسيات سان ڳنڍيل آهي. وري به ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪجي ٿو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت اهو صرف سمجهيو نه ٿو وڃي پر حقيقت ۾ اهو رويو سندس ذاتي نفسيات سان جُڙيل آهي. مثال طور، جيڪڏهن صدر ٽرمپ جي بيانن جو ڇيد ڪجي ته انهن ۾ مختلف نفسياتي نظريه صاف نظر اچن ٿا. جن ۾ ذهني تضاد(Cognitive Dissonance)، خودپسندي يا نرگيست (Narcissism)، آمراڻي سوچ (Authoritarianism)۽ هروڀرو پنهنجي ڳالهه اڳتي ڪرڻ Motivated Reasoning) ) شامل آهن.

انهن سڀني روين ۾ ‘سوچ يا ذهن جو تضاد’ پهرئين نمبر تي آهي. هن حالت ۾ هڪ ئي ماڻهو سوچن جي شديد ٽڪراءَ سان جيئندو آهي. سولي سمجهاڻي ڪجهه هن ريت ٿيندي ته، ‘ذهني تضاد’ جي نظريي مطابق، جڏهن ڪنهن فرد جون سوچون يا عمل پاڻ ۾ متضاد ٿين، ته هو نفسياتي بيچيني محسوس ڪري ٿو. پوءِ هو يا ته پنهنجا عقيدا تبديل ڪندو يا پنهنجي عمل کي جواز ڏيندو رهندو. ان تشريح جي روشنيءَ ۾ آمريڪي صدر جي بيانن ۾ تضاد واضح ڏسي سگهجن ٿا: “اسان وچ اوڀر ۾ امن چاهيون ٿا.” ڪجهه ڏينهن ۾ ئي وري چوڻ “اسان ايران جا نيوڪليئر پلانٽ تباهه ڪنداسين.” جهڙا بيان ڏيڻ. هو پنهنجي ذهني تضادن کي قبول ڪرائڻ لاءِ هو حقيقي طور جارحاڻي ڪارروائي جو حصو پڻ بنجي ويو. حملي کي امن لاءِ قدم قرار ڏيندو رهيو. هڪ ئي وقت هو حملي آور به رهيو ته پاڻ کي امن پسند اڳواڻ جي صورت ۾ دنيا اڳيان آڻي پيو. بيانن ۽ روين جي اهڙي تڪڙي ردوبدل ۾ هن جي نفسياتي دفاع واري مڪينزم کي پرکي سگهجي ٿو.

صدر ٽرمپ جي ان سان گڏ ‘خودپسندي، نَرگيست ۽ سڃاڻپ جي طلب’ جون حالتون پڻ نڪري نروار ٿين ٿيون. جديد سياسي نفسيات ۾اڳواڻن جي خودپسند فطرت يا نرگيست خاص اهميت رکي ٿي. اهڙي شخصيت رکندڙ فرد پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهن ٿا، تعريف جي شدت سان طلب ڪن ٿا، ۽ تنقيد برداشت نٿا ڪن. ساڳئي رَوشِ آمريڪي صدر ۾ چٽي نظر اچي ٿي. خاص طور تي جڏهن هو نوبل امن انعام حاصل ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ٿو. لفظن جي وسيلي هو ايترو ته اڳتي وڌي وڃي ٿو جو پاڻ کي ‘امن جو معمار’ سڏائيندي ڪابه هَٻَڪَ محسوس نه ٿو ڪري. ٻئي طرف هن جا اُبتا عمل پڻ سڀني جي اڳيان آهن. جنگي بيان، فوجي حملا ۽ ڌمڪين سان گڏ امن جا نعرا سندس شخصيت جا ڪيترا تضاد ظاهر ڪن ٿا. هن سڄي صورتحال کي انساني نفسيات ۾ خطرناڪ حد تائين ‘خودپسندي’ سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ جتي فرد جي پنهنجي عظمت جي طلب ۾، اخلاقي اصولن تي به غالب اچي وڃي يا اخلاقي قدرن کان هيٺ ڪريو پوي. ان سوچ ۾ پوءِ آمراڻو مزاج ۽ حڪمراني جي سياست پڻ حاوي ٿيو وڃي. ان لاءِ جرمن فلاسفر ٿيوڊور ڊبليو. آڊورنو چيو هو، “آمراڻي شخصيت وارا فرد طاقت، حڪم ۽ مخالفت جي سرڪوبي تي يقين رکندا آهن. اهڙن اڳواڻن لاءِ تضاد ڪو مسئلو نه هوندو آهي. هو امن کي طاقت جي ذريعي قائم ڪرڻ چاهين ٿا.” آمريڪي صدر به ته ڪجهه اهڙو ڪري پيو. هڪ وقت هو تضادن سان ڀريل بيانن ۾ ڪڏهن ايران کي ‘دهشتگرد رياست’ سڏيندو آهي، وري ساڳئي وقت ‘ڳالهين جي آڇ’ پڻ ڪري ٿو. ڪڏهن هو اسرائيل جي فوجي ڪاررواين جي واکاڻ ڪري ٿو ته ڪڏهن اسرائيلي صدر مٿان برهم ٿيو وڃي، ۽ تنقيد جا تير هلائڻ شروع ڪري ٿو. اصل ۾ هي تضاد ان حڪمت عملي جو حصو آهن، جنهن سان صدر پاڻ کي هر فيصلي جو مرڪز بڻائڻ چاهي ٿو. اها آمراڻي نفسيات جو عڪس آهي، جتي طاقت کي ئي اصول مڃيو ويندو آهي. صدر ٽرمپ انهن نفسياتي ڪيفيتن سان گڏ پاڻ لاءِ Motivated Reasoning جي نظريي جو استعمال پڻ ڪري ٿو، جنهن موجب گهڻو ڪري اهي ماڻهو انهن ڳالهين تي يقين رکندا آهن، جيڪي سندن اڳوڻين سوچن يا مفادن جي حمايت ڪن. صدر جا بيان پڻ اڪثر اهڙا ئي هوندا آهن، ته جيئن هو مختلف حالتن ۾ پاڻ لاءِ گنجائش رکي سگهي. جيئن هو چوندو آهي ته ”اسرائيل کي دفاع جو حق آهي. پر ساڳئي سمي “فلسطينين جي انساني حقن جي به حمايت ڪجي ٿي.” چوي ٿو. ٻنهي متضاد بيانن يا برعڪس موقفن مان هن جي ڪابه واضح پاليسي ظاهر نه ٿي ٿئي. گهڙي کن لاءِ اهو انداز ڪنهن کي خوش ته ڪري سگهي ٿو پر پر آخرڪار اهو ئي عوامي ۽ عالمي سطح تي پيچيدگيءَ جو سبب بنجي ٿو.

مٿي ڏنل نفسياتي محرڪن سان گڏ اڄ جي ميڊيا واري دور ۾ اڳواڻن جي شخصيت به هڪ نمائش بڻجي وئي آهي. آمريڪي صدر جا بيان به هاڻي اڪثر ڪري پاليسي لاءِ نه، پر خبرن جي شهه سرخين تي غالب اچڻ لاءِ هوندا آهن. جهڙي ريت هن ٽي ويءَ تي امن جي ڳالھه ڪرڻ، پر ساڳي وقت ايڪس (ٽوئيٽر) تي جنگ جي حمايت ڪرڻ….هي اصل ۾ Performance Dissonance جو مثال آهي، جتي اظهار ۽ عمل ۾ فرق رکي، رڳو توجهه حاصل ڪيو وڃي. عام فهم لفظن ۾ اها ڳالهه نفسياتي طور تي توجهه جي طلب ۽ عدم تحفظ کي ظاهر ڪري ٿي. جيئن نفسيات دان ايرچ فروم چيو: “ڏسڻ ۾ ايندڙ شئي، حقيقت کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿي.”

مثالن معرفت ڊونلڊ ٽرمپ جي ڳالهين ۾ تضادن جو ثبوت

ايران – اسرائيل جنگ ۾ آمريڪي صدر عالمي فورمن تي امن جي اپيل ڪئي.ساڳئي وقت، ايران جي خلاف فوجي ڪارروائي جي منظوري ڏني.

ايران کي هڪ هفتي اندر ‘مذاڪراتي ساٿي’ ۽ ‘دهشتگرد حامي’ سڏيو.

روس-يوڪرائن جنگ ۾ غير جانبدار رهڻ جو واعدو ڪيو، پر ڳجهي طور هٿيار موڪليا.

ٽرمپ هڪ جاءِ تي ‘نيٽو’ تي تنقيد ڪئي، پر ساڳئي وقت ان کي ‘ضروري ساٿي’ قرار ڏنو.

چين متعلق پاليسي ۾ هن جي معاشي دارومدار تي تنقيد ڪئي، پر ساڳئي وقت ان سان معدنيات جي واپار کي وڌائڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي.

صدر ٽرمپ،جاسوسيءَ جي مذمت ڪئي، پر ڊپلوميٽڪ ڪاميابيءَ لاءِ ضروري پڻ چيو.

اهي سڀ بيان هڪ ئي شخص جي زبان مان اچڻ جي باوجود، پاڻ ۾ ڪيترو اختلاف رکن ٿا. ۽ هي اهي تضاد آهن، جيڪي سندس شخصيت مٿانذاتي ۽ نفسياتي تنقيد لاءِ مضبوط دليل فراهم ڪن ٿا. نتيجي ۾ اهڙن تضادن سبب، اتحادي ملڪن ۽ عوامي راءِ ۾ شڪ پيدا ٿيا آهن. دوست ملڪن لاءِ آمريڪا جي اصل ارادي کي سمجهڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ڪڏهن حمايت، ته ڪڏهن مخالفت، سياست کي غير يقيني بڻائي ڇڏيو آهي. صدر ٽرمپ جا نقاد ۽ مخالف سندس انتظاميه مٿان منافقت جا الزام هڻن ٿا، جڏهن ته حامي ان کي هڪ ‘چالاڪ حڪمت عملي’ جو نالو ڏين ٿا. پر وري به نتيجي ۾، اعتماد جو بحران پيدا ٿي چڪو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي بيانن جو نفسياتي ڇيد ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته آمريڪي صدر جي نفسياتي حالت جٽادار ناهي يا ائين چئجي ته هن جي شخصيت غير متوازن نظر اچي ٿي. جنهن جي ڪري: ملڪ اندر ۽ ٻاهر آمريڪي پاليسين تي شڪ پيدا ٿئي ٿو.ادارا واضحرهنمائي کان محروم آهن. صدر ڪيترن ئي ڪردارن (امن پسند، سختگير، واپاري، اڳواڻ) ۾ پاڻ کي ورهائي ٿو، جنهن سان نفسياتي دٻاءُ پيدا ٿئي ٿو.

هن سڄي صورتحال کي سياسيءَ صورتحال کي نفسياتي مونجهارن سان ڀيٽ ڪجي ته به گهٽ ناهي. چئي سگهجي ٿو ته آمريڪي صدر جا ايران – اسرائيل ۽ ٻين بين الاقوامي معاملن بابت متضاد بيان فقط سياسي حڪمت عملي نه، پر نفسياتي تضادن جو نتيجو آهن. طاقت، شهرت، وڌارو ڪرڻ ۽ عالمي برتريءَ جي شديد خواهش کيس متضاد عملن ڏانهن تيزيءَ سان ڌڪي پئي، جنهن ڪري ايندڙ وقتن ۾ دنيا لاءِ نوان مسئلا کڙا ٿيندا رهندا. ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه کان به انڪار ناهي ته آمريڪا في الوقت دنيا جو اڪيلو صوبيدار آهي.