اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري شهيد بينظير آباد ۽ وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ عيد ملهائيندا. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف عيدالفطر جي نماز ماڊل ٽائون لاهور ۾ ادا ڪندو. جڏهن ته صدر مسلم ليگ(ن) نوازشريف عيد جي نماز جاتي امرا ۾ ادا ڪندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ عيد ملهائيندو. جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) ف جو سربراهه مولانا فضل الرحمان عيدالفطر اباڻي ڳوٺ عبدالخيل ۾ ملهائيندو، پي ٽي آءِ باني عمران خان اڊيالا جيل ۾ عيد ملهائيندو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز عيد جاتي امرا ۾ ملهائيندي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ ۾ عيد جي نماز ادا ڪندو. بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي عيدالفطر پنهنجي اباڻي علائقيب بکر ضلع ڊيره بگٽي ۾ ملهائيندو. خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڊيرا اسماعيل خان ۾ عيد ملهائيندو. پنجاب  اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد عيد اباڻي شهر قصور جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد قادر شاهه سکر ۾ عيد ملهائيندا. سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي، بلوچستان جو وقتي گورنر عبدالخالق اچڪزئي چمن ۾ عيدالفطر ملهائيندو. خيبرپختونخوا جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي  ڊيرا اسماعيل خان ۾ عيد ملهائيندو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي، فاروق ستار ۽ وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال ڪراچي ۾ عيد ملهائيندا.