اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ بلن تي صحيح جي ترديد ڪري نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته الله گواهه آهي مون آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح نه ڪئي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان صدر علوي چيو آهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل سان اتفاق نه ٿو ڪيان، مون پنهنجي عملي کي چيو هو ته بلن کي وقت اندر بغير صحيح جي واپس موڪليو وڃي ته جيئن انهن کي غير موثر ڪري سگهجي، مون عملي کان ڪيترائي ڀيرا تصديق به ڪئي ته بلن کي بغير صحيح جي واپس موڪليو ويو آهي، مون کي يقين ڏياريو ويو ته بلن کي بنا صحيح جي واپس ڪيو ويو آهي، مون کي اڄ معلوم ٿيو آهي ته منهنجي عملي منهنجي مرضي ۽ حڪم کي مجروح ڪيو آهي، الله سڀ ڄاڻي ٿو، اهو انشاءَ الله معاف ڪندو، مان انهن سڀني کان معافي گهران هو جيڪي بلن کان متاثر ٿيندا، مون انهن بلن تي صحيحون نه ڪيون. واضح رهي ته آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميم بل بابت ٻه ڏينهن اڳ خبر سامهون آئي هئي ته صدر بلن تي صحيح ڪري ڇڏي آهي: علوي ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪري ترديد ڪئي.