سڪرنڊ (ن پ ا) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سڪرنڊ جي عدالت ٻاهران ليڪچرار صدر الله لنڊ جي بنا جواز گرفتاري تي احتجاج ڪيو، زين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر الله لنڊ جي گرفتاري سياسي وفاداريون مٽائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته صدر الله لنڊ هڪ با شعور نوجوان ۽ ميٿاميٽڪس جو تعليمي ماهر آهي، هن چيو ته اسان واقعي ۾ چونڊيل نمائندن جي هٿ کي به رد نٿا ڪريون، ڇاڪاڻ ته گذريل اليڪشن ۾ يونين ڪائونسل ماروي ۽ يونين ڪائونسل جمال ڪيريو ۾ هي نوجوان ڪافي سرگرم هو، کيس ان جي سزا ڏني پئي وڃي، سيد زين شاھه وڌيڪ چيو ته اسان عدالتن ڏانهن ڏسي رهيا آهيون ته هُو انصاف ٿيون ڪن يا تاريخ تي تاريخ ڏئي معاملي کي ڊگهو ڪن ٿيون، هن چيو ته صدرالله مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، آءِ جي کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي جي جاچ ڪري ملوث ڌرين خلاف قدم کڻي.