ڪراچي( رپورٽر ) جي ڊي اي اڳواڻن چيو آهي ته هو پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ به جنگ ڪندا، جيستائين وفاق منصوبا ختم ڪرڻ جو اعلان نٿو ڪري تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي ڊي اي اڳواڻن سيد زين شاهه، صفدر عباسي ، سردار رحيم ۽ مسرور سيال چيو ته جماعت اسلامي ـ عوامي جھموري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ ۽ پي ٽي آءِ سميت جي ڊي اي جون سموريون اتحادي پارٽيون ھن تحريڪ جو حصو آهن، هنن چيو ته درياهه تي ڪينالن جي اڏاوت واري اسڪيم جيڪڏھن ڪامياب ٿي انھي جو نقصان ٿيندو ـ ڪراچي کان بدين مارچ ڪيو پوءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ۽ عوامي مھم ھلائي ، اڳواڻن چيو ته پاڻي تي ڌاڙي کانسواءِ عمرڪوٽ ۾ زمينون گرين پاڪستان جي نالي تي ڏنيون ويوـ ان خلاف به اسان مھم ھلائي، هنن چيو ته احتجاج ۾ شاگردن ، وڪيلن ۽ ٻين سڀني ساٿ ڏنو ھن وقت سنڌ جو ھر ٻار ٻڍو رستن تي آھي اڄ 45 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آھي۔ ڪينالن سان ڪھڙي صورتحال ٿيندي اھو سمجهي سگهجي ٿو ، اڳواڻن چيو ته اسان کي ان جو انتظار ھو جيڪو ڪالھه زرداري جو بيان سامهون آيو پر صدر جي حيثيت سان ھو چوي ٿو ته آئون اھو ٿو چوان ته ڪينالن جي حمايت نٿو ڪري سگھان ، صدر انھي کي رد ڪري ٿو سگھي پر پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ بدران عوام کي لالي پاپ ڏنو پيو وڃي ، صدر زرداري جي بيان سان ڪو فرق نه پيو آهي ـ وفاقي حڪومت انھن منصوبن کي روڪڻ جو ڪو به اعلان ناھي ڪيو، وزيراعظم بلاول جي پٺي ٺپري کيس روانو ڪيو آھي اڳواڻن چيو ته 9 مھينا ڪوٽڙي کان ھيٺ ھڪ ڦڙو پاڻي نٿو اچي ۽ واري پئي اڏامي ـ ٺٽي ۽ ميرپور ساڪرو تائين سمنڊ پھچي ويو آهي