اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ صدر کان عام چونڊن جي تاريخ جي بنا دير اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، صدر پاران چونڊن جي تاريخ فوري مقرر ڪرڻ لاءِ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان پنهنجي تاريخ جي نازڪ ترين دور مان گذري رهيو آهي، آئيني، سياسي، جمهوري، انتظامي، معاشي ۽ سماجي سطح تي نهايت ئي ڳنڀير مسئلا ۽ بحران سامهون آهن، اپريل 2022ع ۾ رجيم چين سازش جي غير جمهوري ۽ غير آئيني قدمن رياستي ڍانچي ۽ نظم حڪومت ۾ فساد ۽ انتشار کي جنم ڏنو، آئين جو آرٽيل 48 چار قومي اسيمبلي جي وقت کان اڳ ٽٽڻ جي صورت ۾ صدر کي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 90 ڏينهن جي مدت جي اندر ڪا به تاريخ مقرر ڪرڻ جو پابند بڻائي ٿو، ان ڪري صدر بنا دير ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ته آئين جي بي حرمتي ۽ عوام جي بنيادي آئيني ۽ جمهوري حقن جي پائمالي جو ذميوار هوندو.