اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکيو آهي، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان مطابق صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙيو ويو، آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صدر جو اختيار آهي ته اسيمبلي ۾ عام چونڊن لاءِ، اسيمبلي ٽٽڻ جي تاريخ جي 90 ڏينهن جي اندر تاريخ مقرر ڪري، آئين جي آرٽيڪل 48(5) مطابق قومي اسيمبلي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي ٽٽڻ جي تاريخ جي 89هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تائين ٿي وڃڻ گهرجن، آئيني ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي لاءِ دعوت ڏني وئي ته جيئن آئين ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقيڪار واضح ڪري سگهجي، چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ ان جي ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته آئين جي اسڪيم ۽ فريم ورڪ جي مطابق اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، آگسٽ ۾ آدمشماري جي اشاعت کان پوءِ تڪ بندين جو عمل به جاري آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5)  ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 تحت اهو هڪ لازمي شرط آهي، وفاقي قانون وزارت به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙو ئي موقف رکي ٿي، چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي، وفاق کي مضبوط بنائڻ، صوبن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ غير ضروري خرچن کان بچڻ جي لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي، اليڪشن ڪميشن ذميوار آهي ته اها آزاداڻين، منصفاڻين چونڊن لاءِ آرٽيڪل 51، 218، 219، 220 ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت طئي ٿيل آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري، سمورن نڪتن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن آئين جي لاڳاپيل شقن تحت صوبائي حڪومتن ۽ سياسي جماعتن سان مشاورت ۽ ان ڳالهه جي پيش نظر ته ڪجهه معاملا پهريان ئي ٻڌڻي هيٺ آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري.