قاضي فائز عيسيٰ ڪيس: سپريم ڪورٽ صدر جي درخواست واپس ڪري ڇڏي

0
583

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، جڏھن تھ سپريم ڪورٽ ان جي درخواست واپس ڪري ڇڏي آھي، صدر طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي حوالي سان درخواستن تي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل، 70 صفحن تي ٻڌل درخواست ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌُر بڻايو ويو، ذريعن موجب صدر طرفان پاڻمرادي نوٽيس جي اختيارن تحت آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ صدر طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني درخواستن تي فيصلو اچڻ کانپوءِ به پاڻمرادي نوٽيس جي اختيار تي ٻڌڻي ڪري سگهجي ٿي، سپريم ڪورٽ 26 اپريل تي فيصلو ٻڌائيندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف جاچ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جڏھن تھ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جو چوڻ آھي تھ ھڪ درخواست تي ٻھ ڀيرا نظرثاني درخواست نٿي داخل ڪري سگھجي.