ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري اڳوڻي وزير ۽ پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر عارف علوي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ملڪ نه پر ٽائيگر فورس جو صدر آهي، هو آخري وقت ۾ آڱر وڍرائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪالهه پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر عارف علوي جو ماضي ۾ ڪردار تڪراري رهيو آهي، اڄ هن هڪ ڀيرو ٻيھر ڪوشش ڪئي آهي ته پاڪستان کي ڪيئن نقصان پهچايو وڃي؟ سندس ٽويٽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو نااهل شخص آهي. هن چيو ته عمران خان ڪرپشن ڪيس ۾ جيل ۾ آهي، ھو ھر اھو قدم کنندو جنھن سان کيس رليف ملي سگھي. هن چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون ته جيئن ملڪ ۾ جمهوريت کي صحيح دڳ ملي، هن چيو ته پ پ جو واضح مطالبو آهي ته چونڊون وقت تي ڪرايون وڃن، پ پ کي سنڌ ۾ واضح اڪثريت حاصل آهي، ڏکڻ پنجاب ۾ سرپرائيز ڏينداسين، پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ اليڪشن سوئيپ ڪندي نظر ايندي.