صدر سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو، ڪئنالن تي پ پ پوزيشن واضح ڪري: اپوزيشن ليڊر جو قومي اسيمبلي ۾ الزام، پ پ جو احتجاج

0
16
صدر سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو، ڪئنالن تي پ پ پوزيشن واضح ڪري: اپوزيشن ليڊر جو قومي اسيمبلي ۾ الزام، پ پ جو احتجاج
صدر سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو، ڪئنالن تي پ پ پوزيشن واضح ڪري: اپوزيشن ليڊر جو قومي اسيمبلي ۾ الزام، پ پ جو احتجاج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ڪئنالن واري معاملي تي حڪومت، پي ٽي آءِ ۽ پ پ آمهون سامهون اچي ويا، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب صدر زرداري تي سنڌ جو پاڻي ايس آءِ ايف سي ۽ چولستان لاءِ وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو، پ پ کان وضاحت جو مطالبو، پ پ ميمبرن جو احتجاج، تفصيل موجب قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. سوالن جي ڪاروائي بعد مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيو ته اڄوڪي ڏينهن 9 اپريل تي جنرل باجوا ۽ پي ڊي ايم گڏجي باني تحريڪ انصاف جي حڪومت رجيم چينج آپريشن ذريعي ختم ڪئي، اسان جو وزير اعظم هڪ ڊائري کڻي وزير اعظم هائوس مان هليو ويو. پر قوم ان کي مقبوليت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. هن چيو ته حڪومت بجلي يونٽ گهٽ ڪرڻ کان وٺي پي آءِ اي جو قرض لاهڻ تائين ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. عمر ايوب چيو ته صدر آصف زرداري 8 جولاءِ 2024 تي پاڻي بابت اجلاس جي صدارت ڪئي، ن ليگ جي وزيرن پيپلزپارٽي کي چئلينج ڪيو آھي ته پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ صدر پاڪستان سنڌ جي حصي جو پاڻي ايس آءِ ايف سي ۽ چولستان ڪئنال کي وڪرو  ڪري ڏئي ڇڏيو آھي، پيپلزپارٽي ان حوالي سان پنهنجي صفائي پيش ڪري صدر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيڻ حقيقت آھي، نوان ڪئنال ٺاهڻ تي مسلم ليگ ن جا وزير پ پ کي چئلينج ڪري چڪا آهن ته هُو انڪار ڪن ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جو پاڻي چولستان کي وڪرو ناهي ڪيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جي الزام تي پ پ ميمبرن احتجاج شروع ڪيو. جنهن تي عمر ايوب چيو ته منهنجي خلاف نه پر حڪومت خلاف احتجاج ڪريو. مسلم ليگ ن جي وزيرن جي الزامن جو جواب ڏيو. مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري مخالف ڌر جي اڳواڻ کي جواب ڏيندي چيو ته اڄ جنرل باجوا باجوا ڪريو ٿا. ڪالهه تائين ان کي قوم جو پيءُ چوندا هئا. تاحيات توسيع ڏيڻ چاهيو پيا.  طلال چوڌري جي تقرير وران ئي پي ٽي آءِ واڪ آئوٽ ڪري هلي وئي ۽ پي ٽي آءِ ميمبر ڪورم جي نشاندهي لاءِ اسپيڪر ڊائس تي پهچي ويا، ڪورم پورو نه هجڻ ڪري اجلاس اڄ خميس ڏينهن تائين ملتوي ڪيو ويو، جنهن ڪري طلال چوڌري جواب نه ڏئي سگهيو نه ئي قادر پيٽيل پي پي پي پاران الزامن جو جواب ڏئي سگهيو، قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ عورت ميمبر پنهجي ئي حڪومت سامهون اچي ويون. ن ليگ جي عورت ميمبرن عورتن کي ملڪيت جي ورهاست ۾ حصو نه ڏيڻ متعلق ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو. مملڪتي وزير ريلوي بلال اظهر ڪياني عورتن کي حق نه ڏيڻ جون جون مخلتف دعوائون ڪيون ته ن ليگ جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ چيو ته قانونسازي اهم آهي. ٻڌايو وڃي عورتن کي حقن ملڻ تي عمل ڪٿي ٿي رهيو آهي. ڪي پي ميپ جي محمود خان اچڪزئي چيو ته رٿ پيش ڪئي عورتن کي ملڪيت ۾ حصو لازمي ڏيڻ جي قرارداد پيش ڪئي. جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر ايوان سامهون منظوري لاءِ پيش نه ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي فاٽا جي انضمام بعد ڪي پي ڪي کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ 19 سيڪڙو حصو ٺهي ٿو. پر ان لاءِ گڏ ويهي ڳالهائڻو پوندو. نفرتون ورهائڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا. جڏهن ته پارلياماني بجيٽ آفيس بل 2025 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ۾ فوجداري قانون ترميمي بل 2025، آربٽ انسٽيٽيوٽ فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، مفت ۽ لازمي تعليم حق بل 2025، البيروني انٽرنيشنل يونيورسٽي بل 2025، زنا باالجبر جاچ ۽ ٻڌڻي بل 2025 ترميمي بل پيش ڪيا ويا. مملڪتي گهرو وزير بل وڌيڪ غور لاءِ اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن موڪلڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ ترميمي بل 2025 به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن بعد اجلاس اڄ 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.