اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ڀارتي حڪومت جي هاڻوڪن غيرذميواراڻن ۽ جارحاڻن بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن، چين جي سفير چيانگ زيڊونگ ايوان صدر پهچي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ٻه طرفي اهميت جي معاملن سميت پهلگام واقعي بعد پاڪستان ۽ ڀارت جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، چيني سفير چيو ته چين ۽ پاڪستان پراڻا ڀائر ملڪ آهن، هميشه ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، چين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه پاڪستان جي حمايت ڪندو، صدر آصف زرداري ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي چيني حڪومت جي حمايت جي واکاڻ ڪئي.