اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري سان آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ملاقات ڪئي، صوبائي وزير سنڌ ۾ آبپاشي شعبي ۽ جاري اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني، صدر زرداري سنڌ جي آبپاشي ۽ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بروقت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، صدر چيو ته سنڌ ۾ زراعت سميت سمورن شعبن کي پاڻي فراهمي لاءِ آبي ذخيرن جو بهترين نظام اڻٽر آهي، سنڌ ۾ آبپاشي نظام جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.