اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري سان آءِ ايم ايف وفد جي ملاقات ٿي، پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر آصف علي زرداري چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، پروگرام سان ملڪ ۾ معاشي ترقي کي هٿي ملي، آءِ ايم ايف اسـُرندڙ ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف وفد پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۽ عالمي مالياتي اداري جي پروگرام تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان لاءِ عالمي مالياتي اداري جو پروگرام درست رخ ۾ روان دوان آهي، صدر آصف علي زرداري آءِ ايم ايف جا ٿورا مڃيا ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ سندس ٽيم جي قدمن جي به واکاڻ ڪئي.