حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نوراحمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽ نور نبي پليجو ۽ سرواڻ جتوئي پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ارسا هٿ وٺي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ پيدا ڪئي آهي. پنجاب تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولي سنڌ جي حصي جو پاڻي چورائي رهيو آهي. وفاقي وزير احسن اقبال ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب نٿو کڻي. ارسا طرفان ناجائز طور تي سنڌ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. ڇهن ڪئنالن وسيلي سنڌ ريگستان ۽ بيابان ۾ تبديل ٿي ويندي. هنن چيو ته صدر آصف زرداري ڪئنالن جي خلاف نه پر ڪئنالن جو حمايتي آهي. 26 هين آئيني ترميم، پيڪا ايڪٽ، فارم 47 واري هائبرٽ جمهوريت گرين پاڪستان منصوبي جا حصا آهن. پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي اهم اتحادي جماعت آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حڪومت هوندي به پيپلز پارٽي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ پاڻي تي ناجائز ڌاڙن ۾ پيپلز پارٽي حصيدار آهي. ھنن آهي ته ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سڄي سنڌ ۾ جدوجهد جاري رهندي. 14 مارچ دريائن جي عالمي ڏينهن تي سنڌو درياءَ جي جياپي لاءِ سموري سنڌ ۾ ريليون ڪيون وينديون، درياهه جي مختلف هنڌن تي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون پهچي گل نچاور ڪري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ميڊيا جي سمورن ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته 14 مارچ کي سنڌو درياءَ جو ڏينهن ڪري ملهائن.