اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پاران ايوان صدر ۾ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ جي اعزاز ۾ ڊنر منعقد ڪيو  ويو، جنهن ۾ چيئرمين سينيٽ، گورنر پنجاب ۽ خيبرپختونخوا، وزيراعلي بلوچستان، اي اين پي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اڳوڻي نگراني وزير اعظم، سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ، صدر استحڪام پاڪستان پارٽي عبدالعليم خان سميت ملڪي اعليٰ سياسي قيادت شرڪت ڪئي. صدر پاران پارليماني جمهوريت وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سياسي استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ کي سياسي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز مان ڪڍڻ جي لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ رواداري ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ، جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. عوامي فلاح جي لاءِ مفادن کان بالاتر ٿي پرعزم طريقي سان ڪم ڪرڻو پوندو. ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ محاذ آرائي جي سياست جي خلاف آهيان. اِن موقعي تي سياسي جماعتون جي ميمبرن، پارليمينٽ جي استحڪام، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. ميمبرن قومي مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ تي صدر آصف علي زرداري جي سياسي دانشمندي کي به ساراهيو.