نوابشاهه (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري خصوصي جھاز ذريعي سکر کان نوابشاهه پھچي ويو، صدر زرداري جو صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، محمد سالم زرداري، ڊاڪٽر بھادر ڏاھري، مير محمد سيال ۽ ٻين استقبال ڪيو، آصف علي زرداري جي آمد تي سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا هئا، آصف علي زرداري ٻه ڏينھن زرداري ھائوس ۾ قيام دوران معزز شخصيتن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو ۽ وڏڙن جي قبرن تي فاتحه خواني جي لاءِ اباڻي قبرستان بالو جا قبا ويندو.