ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صدر آصف زرداري سان چيني سيڙپڪارن جي وفد بلاول ھائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد شاھ ۽ چيني قونصل جنرل پڻ موجود ھئا، ان موقعي تي صدر آصف زرداري پاڪستان ۾ چيني معيشيت وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آھي، ٻنھي ملڪن جي عوام خاص طور تي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آھن، ھن چيو ته سنڌ ۾ چيني زبان جا ڪورس ڪرايا پيا وڃن، جيڪو عوامي ۽ ثقافتي رابطن وڌائڻ ڏانهن ھڪ قدم آھي، هن چيو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي ھر ممڪن سهولتون فراھم ڪندو، چيني وفد صحت وارر شعبي ۾ ميڊيڪل سٽي جي قيام لاءِ ھڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري، زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ دلچسي ڏيکاري.