ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صدر آصف زرداري ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ بعد اسپتال کان پنهنجي گهر بلال هائوس منتقل ٿي ويو، ان ڏس ۾ صدر زرداري جي خانگي معالج ڊاڪٽر عاصم ٻڌايوته ڪورونا سبب صدر ڪمزور ٿي ويو آهي، اسان کيس فزيو ٿراپي ۽ محدود ملاقاتن جي صلاح ڏني آهي ، صدر گهران ويهي ملڪي مامرا ۽ سرڪاري فائل اڪلائي سگهندو