سيوھڻ (ن پ ا) صدر آصف علي زرداري قلندر لال شھباز جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ سيوھڻ پھتو، ميلا گرائونڊ جي ھيليپيڊ پھچڻ تي صدر جو   وڏي وزير مراد علي شاهه، ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ آصف علي شاهه، سردار سڪندر راھپوٽو، محمد سليم باجاري، صوبائي وزير اوقاف رياض حسين شاهه شيرازي ۽ ڪمشنر حيدرآباد بلال ميمڻ، ڊي آءِ جي حيدرآباد  ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس استقبال ڪيو، جنهن بعد صدر قلندر لعل شھباز جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي فاتحا خواني ڪري ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گھري ۽ درگاهه جي تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو. ھوڏانھن صدر جي  اچڻ سبب درگاهه جي آس پاس سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا جتي پوليس جي سوين جوانن سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليا، انتظاميا پاران صدر جي آمد وقت درگاهه قلندر جي آس پاس سميت مختلف روڊن تي ڪاروبار بند ڪرايو ويو، جڏهن ته درگاهه قلندر کي عام زائرين کان خالي ڪرائي 10 ڪلاڪن تائين بند رکيو ويو، جنهن ڪري پري کان پھتل پانڌيئڙن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو ۽ مقامي ميڊيا کي صدر پاڪستان جي دوري کان پري رکيو ويو .