حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي صدر آصف زرداري جي ڪئنالن خلاف بيان کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو آھي ته 8 جولاءِ 2024ع تي ايوان صدر ۾ آصف زرداري سنڌ دشمن ڪئنالن منصوبن جي منظوري ڏني ۽ تڪڙو ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ کوکلا بيان ڏئي رھيو آھي ته جيئن احتجاجي تحريڪ کي ماٺو ڪري سگھجي پر ڪئنال منصوبو رد ٿيڻ ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رھندي. آصف زرداري سنڌي قوم کان معافي وٺي عھدي تان استعيفيٰ ڏي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌي ماڻھو ڌرتي جھڙو مزاج رکندڙ آھن، جيڪڏھن ٿڌا آھن ته ٿڌا آھن، گرم ٿيندا ته ٿڌا نه ٿي سگھندا. سنڌ جو عوام ھاڻ بيدار ٿي رھيو آھي. ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين شھر شھر ۾ جلسا ۽ ريليون ڪندي چيو ھو ته ھي ڪينالن وارو ڪاٺ اوھان لاءِ ڳرو آھي، پ پ-ن ليگ جي گڏيل حڪومت سنڌي عوام جو ٻرندڙ جبل کوٽي وڌو آھي. احتجاجي لاوا ڦاٽي رھيا آھن. ڪو وزير ڪئنال جي حمايت ڪري سنڌ ۾ ھلي نٿو سگھي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پ پ جي حمايت ۽ ووٽ سان بيٺي آھي. آصف زرداري ملڪ جو صدر آھي، ڪرپشن ۽ اقتدار لاءِ ھر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھيو آھي جنھن کي سنڌ جو عوام ھاڻ رد ڪري ڇڏيو آھي.