ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو ڪيترو وقت دوکو ڏيندا رهندا؟ پ پ وارن کي هڪ سچ لڪائڻ لاءِ 100ڪوڙ ڳالهائڻا پون ٿا، سنڌ جي وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس تي تبصرو ڪندي هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير چئي رهيو آهي ته سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو عملي طور تي رڪيل آهي،  اسان ڪئنالن خلاف سي سي آءِ ۾ وينداسين. ترجمان موجب آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي سي سي آءِ جو اجلاس سوا سال کان سڏايو ناهي ويو، جيڪڏهن وڌيڪ چار سال اجلاس نه ٿيو ته ڇا ڪئنالن جو ڪم هلندو رهندو؟ هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا سنڌ سان سچا آهن ته پوءِ صدر آصف زرداري 6 ڪئنالن واري اجلاس ۾ پنهنجي حڪم نامي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڇو نه ٿو ڪري؟ صدر کي پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي هن منصوبي کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته  پ پ اقتدار لاءِ سنڌ جي زمينن ۽ درياءِ جو سودو ڪيو، جنهن جو اعتراف سندن اتحادي نواز ليگ جي سينيئر قيادت به ڪري چڪي آهي. ترجمان موجب سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي،  سنڌ جو عوام ڪنهن کي سنڌو جو سودو ڪرڻ  نه ڏيندو