اسلام آباد( رپورٽر ) صدرآصف علي زرداري تڪراري ڪئنالنن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته محب وطن پاڪستاني جي حيثيت ۾ هو اهڙي تڪراري رٿا جي حمايت نٿو ڪري سگهي، صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران تڪراري ڪينالن واري رٿا جي مخالفت ڪندي چيو ته محب وطن پاڪستاني طور ذميواري آهي ته توهان کي خبردار ڪريان، هن چيو ته ڪجهه هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي دٻاءَ جو سبب پيون بڻجن ، سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه جي سسٽم مان ڪينال ڪڍڻ اهڙو هڪ طرفو فيصلو آهي، ان تجويز جي صدر طور حمايت نه ٿو ڪري سگهان، صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته حڪومت کي درخواست ڪيان ٿو ته اها هن تجويز کي واپس وٺي