اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ نوازشريف خلاف توشا خانه ڪيس نيب ڏانهن واپس ٿيندو يا نه؟ اسلام آباد جي احتساب عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، فيصلو 14 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو. احتساب عدالت نمبر 3 جي جج عابده سجاد آصف علي زرداري، نوازشريف، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايچ نائڪ نيب جو ترميمي قانون عدالت آڏو پڙهندي چيو ته ترميمن کانپوءِ هي ڪيس عدالتي اختيار ۾ نه ٿو اچي، هي ڪيس 80 ڏهائي 5 ملين جو آهي جيڪو 5 سئو ملين واري حد کان گهٽ آهي، فاروق ايچ نائڪ پاران ڪيس کي واپس نيب چيئرمين ڏانهن اماڻڻ جي استدعا ڪئي وئي، يوسف رضا گيلاني ۽ نواز شريف جي وڪيلن پاران به ڪيس ۾ احتساب عدالت جي اختيار کي چئلينج ڪيو ويو، جج عابده سجاد رمارڪس ۾ چيو ته سموريون ڌريون ان نقطي تي متفق آهن ته هي ڪيس هن عدالت جي اختيار ۾ نه ٿو اچي، جڏهن هي ڪيس آيو هو ته ان وقت آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ حاصل نه هئي، فاروق ايچ نائڪ چيو ته آصف زرداري جڏهن پهرين صدر بڻيو ته ان وقت به ڇوٽ حاصل ڪئي، صدر جو عهدو ڇڏڻ بعد آصف زرداري ٻيهر نيب آڏو پيش ٿيو، آصف زرداري کي هاڻي به صدر طور ڇوٽ حاصل آهي، ريفرنس واپس نيب چيئرمين ڏانهن اماڻيو وڃي، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته صدر آصف علي زرداري خلاف ڪيس نه ٿو هلي سگهي، آصف زرداري جو ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن اماڻيو ويندو، عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪيس واپس اماڻيو ويندو يا نه،  نواز شريف ۽ آصف زرداري جا ڪيس الڳ الڳ هلندا، هي ڪيس اتي ئي رهندو جيستائين آصف زرداري صدر آهي، فاروق ايچ نائڪ چيو ته عدالت هي ڪيس پاڻ وٽ رکندي ته اها قانون جي ڀڃڪڙي هوندي، جج ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، محفوظ ڪيل فيصلو 14 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو.