اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پاران صدر طور پگهار نه کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صدارتي سيڪريٽريٽ جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آصف علي زرداري ملڪ کي درپيش اقتصادي چئلينجز سبب پنهنجي پگهار نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صدر جو چوڻ آهي ته هن قومي خزاني تي ڪو به بار نه وجهڻ جو سوچي پگهار نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صدارتي سيڪريٽريٽ جي پريس ونگ پاران چيو ويو آهي ته صدر جي ان فيصلي جو مقصد ملڪ ۾ مالياتي نظام جي بهتريءَ وارين ڪوششن جي همت افزائي ڪرڻ آهي. ٻئي طرف سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته صدر آصف زرداري سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪجهه وفاقي وزيرن به پگهار نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف وزير داخلا ۽ محسن نقوي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪيو آھي ته وفاقي وزير داخلا ۽ انسداد منشيات جي حيثيت سان قوم جي خدمت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آھي. ان مدت دوران پگھار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھن مشڪل وقت ۾ ھر ممڪن طريقي سان پنھنجي قوم جي خدمت جي لاءِ پر عزم آھيان.