اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صدر عارف علوي خلاف آئين ٽوڙڻ جا 2 ڪيس داخل ٿيندا، هڪ ڪيس بي اعتمادي رٿ جي موقعي تي اسيمبلي ٽوڙڻ جو داخل ٿيندو، ٻيو ڪيس چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس نه سڏائڻ تي داخل ٿيندو، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، آصف زرداري ته اهو پيغام ڏنو آهي ته هو مفاهمت جو جيڪو عمل شروع ڪندو ان ۾ پي ٽي آءِ به شامل هوندي، هن چيو ته غلطيون اسان کان به ٿينديون پر سڀ کان وڌيڪ غلطيون اڊيالا جيل ۾ ويٺل شخص ڪيون آهن، پي ٽي آءِ وارا اڄ به نه آئين کي مڃين ٿا ۽ نه جمهوريت کي مڃين ٿا، پ پ چيئرمين چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو جڊيشل ٽرائل نه پر عدالتي قتل ٿيو هو، مون، آصفه، فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر اڃا پنهنجو موقف پيش نه ڪيو آهي، اميد آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو سان انصاف ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري صدر چونڊجڻ کان پوءِ سمورن صوبن جا گورنرز پاڻ مقرر ڪندو. في الحال گورنرز جي حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف جي وزيراعظم بنجڻ خلاف سني اتحاد ڪائونسل مون کان ووٽ نه گهريو هو، سني اتحاد ڪائونسل جي ڪري ئي شهباز شريف وزيراعظم بڻجندو. اسان جيڪڏهن ان جي مخالفت ۾ ووٽ نه ڏنداسين ته اهو وزيراعظم بڻجي ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هر حال ۾ 29 فيبروري تي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻو آهي پر عارف علوي پنهنجا فرض نه پيو نڀائي، هڪ سوال تي بلاول چيو ته مان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيان، منهنجا نمبر اهڙا ناهن، مان چئي سگهان پيو ته اسيمبلي عمل کان لاتعلقي ڪريان ٿو، مون چيو هو ته وزيراعظم بڻيس ته سياسي قيدين کي آزاد ڪنداسين، افسوس پاڪستان جي عوام مون کي اهو مينڊيٽ نه ڏنو، مان ان لاءِ نئين وزيراعظم کان صرف درخواست ئي ڪري سگهان ٿو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياستدانن کي هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻي پوندي.