اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران عام چونڊن جي تاريخ جي تجويز تي چيف اليڪشن ڪمشنر اليڪشن ڪميشن جو اهم مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا هن وقت تائين اجلاس جو وقت مقرر نه ڪيو آهي، اجلاس ۾ صدر جي خط جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ليگل ٽيم بريفنگ جڏهن ته قانوني ماهر راءِ ڏيندا، اجلاس ۾ چئني ميمبرن سميت لاڳاپيل ونگز به شريڪ ٿينديون. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران ترديد ڪندي چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪو به مشاورتي اجلاس طلب ناهي ڪيو