صدر جو بيان سنڌ واسين جو ردعمل ماٺو ڪرائڻ جي ڪوشش قرار: … پ پ اسيمبلين مان ڪئنالن خلاف ٺهراءِ منظور ڪرائي، پوءِ به وفاق نه مڃي ته تحريڪ جو حصو بڻجي: عوام

0
30
صدر جو بيان سنڌ واسين جو ردعمل ماٺو ڪرائڻ جي ڪوشش قرار: ... پ پ اسيمبلين مان ڪئنالن خلاف ٺهراءِ منظور ڪرائي، پوءِ به وفاق نه مڃي ته تحريڪ جو حصو بڻجي: عوام

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته صدر آصف زرداري چيو آهي ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي حمايت نٿو ڪريان، حڪومت فيصلو واپس وٺي، صدر جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڪئنال منصوبو ڪيئن رد ٿيندو؟ جنهن تي اڪثر صدر جي اهڙي بيان ڊرامو قرارڏيندي چيو ته سنڌ ۾ جيڪا ڪئنالن خلاف تحريڪ هلي رهي آهي ان کي ماٺو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي، سروي ۾ اهو به چيو ويو  ته  پ پ وارا واقعي سچا آھن ته بيان ڏيڻ ۽ معصوم بڻجڻ بدران پيپلزپارٽي سينيٽ، قومي اسيمبلي توڙي بلوچستان ۽ سنڌ مان ڪئنالن خلاف ٺهراءُ پيش ڪري اڪثريت راءِ سان ڪئنالن کي رد ڪرائي، پوءِ به جيڪڏھن حڪومت بضد ھجي ته استعيفائون ڏئي عوام سان گڏ تحريڪ جو حصو بڻجن، سنڌ جو عوام پنهنجي جدوجهد ذريعي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ائين ئي دفن ڪري ڇڏيندو جئين ڪالاباغ کي دفن ڪيو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌو مان ڪئنال جي نيڪالي جي اين او سي ڏيڻ کانپوءِ ھڪ فيز تقريبن مڪمل کانپوءِ به صدر پاڪستان سڀ اختيار ھوندي به صرف زباني رد ڪرڻ عوام جي فٽن تي لوڻ ٻرڪڻ ۽ سنڌ سان ھڪ وڌيڪ ڌوڪو آھي جيڪو سنڌ جو عوام ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته بند ڪمرن ۾ ويهي ڪئنالن جي حمايت ڪئي هاڻي مخالفت اهو سڀ سنڌ جي عوامي احتجاج جو نتيجو آهي، نظر ملاح لکيو ته عوام کي بيوقوف ڪرڻ جي چڪر ۾ آھي، اها هن جي ڀل آھي ته عوام هن جي ڪوڙن بيانن تي لڳي ڪئنالن تان ڌيان هٽائيندو، تاج محمود رند لکيو ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو منظور ناهي، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته هڪ سئو فيصد حوال، جنهن حوال ۾ شاعر ڪوشش ڪري ٿو، سنڌي قوم منهنجي انهيءَ حوال ۾ اچي، نور احمد ڪاتيار لکيو ته سنڌ جي ماڻھن جي سگهاري جدوجهد کان پوءِ جيڪو صدر زرداري بيان ڏنو آهي ان بيان کي شعور رکندڙ ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهي. صدارتي هائوس سنڌ مٿان حملي آور ٿيندو رهندو آهي. 8 جولائي 2024ع تي صدارتي هائوس ۾ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي اجلاس ۾ صدر زرداري ڇهن ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينون ڏيڻ، ارسا ايڪٽ ترميمن، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين کي آسان قسطن تي قرض ڏيڻ جهڙا فيصلا ڪيا. صدر زرداري معصوم بي خبر هو جنهن کان غلط فيصلا ڪرايا ويا ۽ هاڻي چئي ٿو ته ڪئنالن تي وفاقي سرڪار نظر ثاني ڪري اهڙو ڪاريهر فيصلو پي ٽي آئي جي صدر عارف علوي ڪيو، انويسٽمينٽ بورڊ ترميمي بل 2023ع تي صحيح ڪري سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين سميت 44 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻ جي لاءِ منظوري ڏني، سنڌ جي عوام جي جدوجھد سمورن حڪمرانن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. عوامي جدوجهد ثابت ڪيو آهي ته عوام جا اقتداري ادارا فارم 47 ذريعي قبضو ڪيل سينيٽ ۽ اسيمبليون نه آهن پر عوام جا ايوان روڊ ۽ رستا آهن جتي عوام حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿو. پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف نٿي بڻائي سگهي. صدر ڪئنالن تي بيان ڏيڻ بدران عملي طور تي پنهنجي نمائندن کي چئي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف ٺهراءُ آڻين، وزيراعظم شهباز شريف جي سموري وفاقي ڪابينا پيپلز پارٽي جي حمايت سان اقتدار ۾ آھي، زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي چئي آفيشل طرح ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا رد ڪرائي سگهي ٿو پر ائين نه ڪندو پيپلز پارٽي سموري قيادت ڊرامي بازي ڪري رهي آهي جنهن کي سنڌ جو عوام چڱي طرح سڃاڻي ٿو. سنڌ جو عوام پنهنجي جدوجهد ذريعي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ائين ئي دفن ڪري ڇڏيندو جئين ڪالاباغ کي دفن ڪيو. محمد اسلم لکيو ته بلڪل اهو ڏينهن تقريبن هر ماڻهون کي ياد هوندو جڏهن صدر زرداري سنڌي ٽوپي پائي ڪنهن پرڏيهي دؤري تي ويو ۽ دنيا جي امير ۽ سڌريل ملڪن کي ڏيکاريو ته سنڌي ٽوپي اسان جي قديم ثقافت آ بس صدر زرداري کي ان ٽوپي جي لڄ رکڻ گهرجي، جي آر چانڊيو لکيو ته عجيب سياست آھي هن جي، ھڪڙي تير سان ٻه شڪار ڪرڻ ٿو چاھي، پهريان ڪئنالن جي منظوري ڏني هاڻ مخالفت ڪري پيو،  عبدالنبي شاهاڻ لکيو ته ڪاوڙ ۾ اهڙا بيان ڏئي ٿو، گل حسن شر لکيو ته سنڌ ۾ ھلندڙ احتجاج واري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ اھو بيان ڏنو ويو يا ڏياريو ويو منھنجي خيال ۾ سنڌ جي صحافين جو وفد ان ڪئنال منصوبي واري ھنڌ جو معائنو ڪري ۽ ڏسي ته ڇا حقيقت ۾ ڪئنال ٺھن پيا پ پ وارا واقعي سچا آھن ته بيان ڏيڻ ۽ معصوم بڻجڻ بدران اسيمبليءَ ۾ ٺھراءُ پاس ڪرائن پوءِ به جيڪڏھن حڪومت بضد ھجي ته استعيفائون ڏئي عوام سان گڏ تحريڪ جو حصو بڻجن، جاويد جان ڪيريو ليکو ته زرداري جو بيان عوام جي ڪاوڙ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ آھي اسان سنڌين کي انھي دوکي ۾ ن اچڻ گهرجي، سائل مهراڻ لکيو ته يوٽرن وٺڻ، ڏٺائين سنڌ حڪومت ويندي دير نه ڪندي ته مجبورن ائين ڪيائين، جيڪڏهن سنڌ سان سچو هجي ها ته صحيح به نه ڪري ها، وزير علي مهر لکيو ته ٽوپي ڊرامو، سيد سڪندر علي شاهه لکيو ته هن جي ڳالهين تي ڀروسو ناهي، نماڻو نوناري، سيد جي مصطفيٰ، سيد ڪامران بخاري، منظور علي ڀاڳت، غلام عباس، عبدالستار، غلام نبي، مير غلام علي بلوچي، الله رکيو، رحمان پنهور به سروي ۾ حصو ورتو، محمد خان راڄپر لکيو ته ڇا صدر کي اٽارني پاور ناھن ڇا؟ اگر سنڌ جي عوام سان سچو آھي تهہ ڪئنال جي سڌي مخالفت ڪري سمري بل وغيره رد ڪري، ارشاد علي سومرو لکيو ته سياستدانن جي ڪنھن به بيان تي يقين ڪري نه ٿو سگھجي ھو عوام کي بيوقوف بڻائيندا آهن ۽ عوام به ڪجھه سمجھڻ بجاءِ سياستدانن جي ڏٽن ۾ خوش رھندو آھي ھينئر سنڌ جي ھر ٻچي ٻچي جي دٻاءَ بعد مجبورن سنڌي ماڻھن جي ڪاوڙ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ اھو بيان ڏنو ويو آھي، اعتزاز گانئچو لکيو ته آصف زرداري سنڌ جي اڀرندڙ جدوجهد ۽ تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي ڪالھه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اھڙي قسم جو بيان ڏنو آهي ته سنڌو درياھه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو وفاقي حڪومت جو ھڪ طرفو آهي پر سنڌ جو عوام بخوبي سمجهي ٿو ته آصف زرداري پنهنجي اقتدار کي بچائڻ ۽ ايندڙ ڀيري بلال ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ اهڙا ٺاهه ڪيا آهن، پر ھاڻ سنڌي عوام به فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌو درياءَمان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي منصوبن کي ناڪام بڻائي درياءَ ۽ ڌرتي جو تحفظ ڪبو، موهن لال لکيو ته صدر آصف علي زرداري جو بيان ڪئنالن خلاف آهي پر انهي بيان کي عملي شڪل تڏهن ملندي جڏهن پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي توڙي بلوچستان ۽ سنڌ مان ڪئنالن خلاف ٺهراءُ پيش ڪري اڪثريت راءِ سان ڪئنالن کي رد ڪيو وڃي، دائود زئور لکيو ته صدر زرداري جي ان بيان کي رد ٿاڪريون جيستائين ڪئنال منصوبو مڪمل طور رد نٿو ڪيو وڃي، بشير نهڙيو، غلام قادر به سروي ۾ حصو ورتو، غلام حسين لکيو ته صحافي سهيل وڙائچ موجب صدر جو خطاب رسمي هوندو آهي پهريان وزيراعظم ان جي منظوري ڏيندي آهي، سنڌ ۾ احتجاج ڏسي صدر اهڙو بيان ڏنو آهي، قربان ميراڻي لکيو ته ڊرامو پيو ڪري، فياض وساڻ لکيو ته ڇھه ڪئنال نڪتا ته پوري سنڌ بنجر ٿي ويندي سنڌ مان ساوڪ خوبصورتي ختم ٿي ويندي..!ان ڪري ڪئنال سمورا نامنظور نامنظور نامنظور،عليداد شر،منظور ٿهيم، شعيب زوهيب به ردعمل ڏنو، امام بخش سڪندري لکيو ته سنڌ جي عوام کي لولي پاپ ڏنو پيو وڃي پيپلزپارٽي هميشه سنڌ جي دشمن رهي آهي ڪارونجهر جي پٿر ٻيٽن کان وٺي ڪئنالن تائين سنڌ کي وڪرو ڪيو آهي. بابر علي شر، دلدار مستوئي، عبدالقادر، شاهه ولي خان، ياسر کوسو، غلام نبي ڪانهر، جاويد رحمان، چانڊيو اي ڊبليو سي، سيد عاشق رسول بخاري، ذوالفقار علي، پير اويس سومرو، امين فهيم زئور، ميانداد جکراڻي، وزير علي، رحمان شر، بشير ميراڻي، شڪيل احمد ماڪا، حافظ محمد فاروق بروهي، زبير جکرو، اي زمان سانگي، محمد حنيف کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، ثناءُالله چنا لکيو ته پهريان صدر صاحب بل تي صحيح ڪئي وري هاڻي پارليامينٽ ۾ خطاب ڪري چئي ٿو ڪئنال ٺهن ٿا پر اسين حمايت نه ڪنداسين سنڌي ماڻھو توهان جي ڊرامي بازي کي سمجهي ويا آهن، عبيدالله سنڌي، عثمان پنهور، دليپ آزاد، مير غلام  مصطفيٰ، ثمينه خان، ساگر بازيگر، عمردراز قائمخاني، احسان سنڌي، شفقت حسين زئور، عبدالسليم ٻٻر، ايم شريف نوتڪاڻي، ابوبڪر آصف جوڻيجو، ايم حنيف بلوچ، الله وسايو شيخ، فقير مير ايم مڱريو به سروي ۾ حصو ورتو، زيد خان لکيو ته ڪوڙ پيو ڳالهائي، صدام محبوب سميجو لکيو ته هڪڙو خاص اجلاس ڪرائي 6 ڪئنالن لاءِ جنهن ۾ اهو چٽو موقف هجڻ گهرجي زرداري ۽ شهباز شريف جو ته هو سنڌو درياھه مٿان 6 ڪئنالن واري ڏنل منظوري کي پنهنجي غلطي تسليم ڪن ٿا ۽ ان منصوبي کي رد ڪن ٿا ته ٺيڪ آهي نه ته اسان سمجهنداسين ته اهي ڊرامو ٿا ڪن. ميهر رٻاري لکيو ته ڊرامو آهي،محمد يعقوب لکيو ته اهو بيان سنڌ ۾ هلندڙ پرجوش تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آهي، رضا ڌاريجو، راشد، اي ڊي بجير، سنيل ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، مانجهي خان چانڊيو لکيو ته صحيح پاڻ ڪئي اٿس هاڻي وري ختم ڪرڻ لاءِ صدر ٿي ڪري درخواست ٿو ڪري، عبدالستار شر، محمد حنيف کوسو، حسين رضا کوسو، غلام فاروق، همٿ علي ڪلوڙ، فقير نواز علي، سڪندر جوڻيجو، محبوب خان مهر، علي گل شر، عطا محمد سميجو، ايم انيس ، دوست علي چانڊيو، مسلم حيات چانڊيو، مبارڪ بجير، برڪت علي سيوهاڻي، فاروق احمد، ثاقب، فقير اياز سارنگ، بيوس اربيلو ڏاهاڻي، حاجي جاويد گوپانگ، مجيد کوکر، نثار احمد سنڌي، نصير احمد مهر، جان محمد، منير کوسو، آڪاش ڀرڳڙي، ممتاز علي سميجو، غلام نبي، واحد لاکير، شهزاد علي چانڊيو، غلام مرتضيٰ، وشن داس کوکر، حبيب سنڌي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.