صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ٽيم پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي آواز کي لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائڻ سان گڏ صدرجي ڀٽيون ۽ ڀرپاسي متاثرن کي راشن، ٽينٽ ۽ گرم ڪپڙا ورهايا ويا. ان سلسلي ۾ ٽيم ميمبرن جو چوڻ هو ته 4 ڊسمبر تي ايڪٽا ڏهاڙي کي سنڌ سان درد جي رشتي تحت ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ جي سوچ کي تڪميل تائين پهچائينداسين. هنن ٻڌايو ته پنهنجي اخبار صدرجي ڀٽيون ٽيم 20 کان وڌيڪ بي گهر خاندانن ۾ ٽينٽ جي فراهمي کي يقيني بڻايو. مليريا ۽ گيسٽرو جي وبا کي روڪڻ لاءِ هادل شاهه، جهان خان لغاري، حيات اڄڻ سميت مختلف علائقن ۾ سماجي تنظيمن جي سهڪار سان مفت ميڊيڪل ڪيمپ هڻي خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ 200 کان وڌيڪ برسات متاثر خاندانن ۾ راشن بيگ ۽ گهريلو استعمال جو سامان تقسيم ڪيو ويو. پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز اعلان ڪيو ته 4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو.