اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه ججن جي سينيارٽي جي معاملي تي جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري کي هڪ ٻيو اهم خط موڪليو آهي. ذريعن موجب هي خط گذريل ڏينهن جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ لکيو ويو. ذريعن مطابق جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي خط ۾ ججن جي سينيارٽي طئي ڪرڻ جي عمل تي خدشا ظاهر ڪندي ڪيترائي قانوني نڪتا اٿاريا آهن. ان موجب سينيارٽي جو تعين صدر پاڪستان طرفان بغير مشاورت جي ڪيو ويو، جيڪو آئين جي آرٽيڪل 200 تحت لازمي هيو. صدر کي چيف جسٽس آف پاڪستان سان باقاعده مشاورت کان پوءِ ئي سينيارٽي طئي ڪرڻي هئي، پر هن تڪڙ ۾ پاڻمرادو فيصلو جاري ڪيو. ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه ياد ڏاريو ته هي معاملو اڳ ئي انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ التوا هيٺ آهي۽ اهڙي وقت ۾ سينيارٽي بابت يڪطرفو فيصلو جاري ڪرڻ آئيني تقاضائن جي ابتڙ آهي. خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي راءِ جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته منهنجي راءِ ۾ هن حساس ۽ آئيني نوعيت جي معاملي تي مشاورت لازمي هئي. هن نئين خط سان هڪ ڀيرو ٻيهر اعليٰ عدليه ۾ سينيارٽي ۽ مقررين واري عمل تي شفافيت ۽ مشاورت جي تقاضائن تي بحث شدت اختيار ڪري وئي آهي.