واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سپريم ڪورٽ هٿيار رکي عوام جي وچ وڃڻ جي حق ۾  فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب خميس ڏينهن آمريڪي سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عوام ۾ هٿيار پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ آمريڪي شهرين جو بنيادي حق آهي. آمريڪي سپريم ڪورٽ موجب آمريڪي آئين هٿيار رکڻ ۽ عوام ۾ وڃڻ جي حق جي ضمانت ڏئي ٿو. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ گذريل مهيني وڏي پئماني تي فائرنگ جا واقعا پيش آيا، جنهن سبب هٿيار رکڻ جا اختيار محدود ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. آمريڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي صدر جو بائيڊن ردعمل ۾ مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.