سکر (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري نئون ديرو شهيد راڻي جي ورسيءَ ۾ شرڪت لاءِ سکر ايئرپورٽ پهتو جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد خورشيد شاهه، ناصر شاهه، اويس قادر شاهه، فيصل ڪريم ڪنڊي، سليم حيدر ساڻس استقبال ڪيو، صدر آصف علي زرداري هيلي ڪاپٽر زريعي سکر ايئرپورٽ کان نئون ديرو روانو ٿي ويو، صدر علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 27 ڊسمبر تي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندا.