ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صدر آصف علي زرداري جي حالت سڌرندڙ: ملاقات لاڳيتو بند، ان ڏس ۾ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ واقع خانگي اسپتال ۾ علاج ھيٺ صدر آصف علي زرداري جو سندس فزيشن ڊاڪٽر عاصم جي نگراني هيٺ علاج جاري آھي، صدر کي ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد ڊاڪٽرن پاران کيس آئيسوليٽ ڪيو ويو ھو، اڄ سندس ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ ٿيڻ جو امڪان آھي، ڊاڪٽر عاصم موجب صدر زرداري جي طبيعت ۾ بھتري اچي رهي آهي، سندس رت جي رپورٽن ۾ به بھتري آئي آهي، انفڪيشنز ڊزيز جي ماھرن جي ٽيم صدر جو ڏينهن ۾ 3 ڀيرا چيڪ اپ ڪيو آهي، کيس ڪجهه ڏينهن ۾ اسپتال مان موڪل ڏني ويندي، ڪورونا سبب ملاقات تي پابندي آهي، صدر زرداري جي گھرڀاتين کي سندس صحت متعلق مسلسل ڄاڻ فراھم ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف پارٽي ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري طبيعت ٺيڪ نه ھجڻ سبب اڄ ڳڙھي خدابخش ۾ پ پ جي رٿيل جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگھندو.