ڪراچي: صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ تڪراري چولستان ڪئنال بابت ٿيل اجلاس جي مِنَٽس ۾ ڦيرڦار جو انڪشاف، سنڌ جي وڏي وزير ڪئنالن بابت ايوانِ صدر جي منٽس کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 8 جولاءِ تي صدر آڏو ڪجهه رٿائون پيش ڪندي واڌو زمينون آباد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي، صدر موٽ ۾ چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي پر صوبن سان ڳالهايو، صدر جي اِنهي جواب کي منظوري قرار نٿو ڏئي سگهجي، اجلاس بابت منٽس ۾ ڦيرڦار ڪندي چيو ويو ته صدر ڪينالن جي منظوري ڏني آهي، پنجاب سرڪار غلط منٽس جي بُنياد تي ڪئنال رٿا کي اڳتي وڌايو، هوڏانهن سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته صدر کي ڪنهن رٿا جي اين او سي ڏيڻ يا منظور ڪرڻ جا اختيار ناهن، صدر زرداري پارليا مينٽ کي خطاب دوران کليل لفظن ۾ چيو ته آئون چولستان ڪئنال رٿا کي سپورٽ ڪري نٿو سگهان.