ڪراچي(م ڊ) صدر زرداري، وزيراعظم شهباز شريف سوڌو وڏن وزيرن به قوم کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شوال جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ قوم کي عيدالفطر جي مبارڪ ڏني. مراد علي شاهه چيو ته عيد جي خوشين ۾ مستحق ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته ٽريفڪ پوليس کي رواني يقيني بڻائڻ ۽ آءِ جي سنڌ کي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. مريم نواز چيو ته الله پاڪ اسان جا روزا ۽ عبادتون قبول ڪري، دعا آهي ته عيد هر گهر ۾ امن ۽ خوشيون آڻي، گڏوگڏ فلسطينين ۽ ڪشميرين لاءِ به آزادي جي عيد نصيب ٿئي.