جيڪب آباد (رپورٽر) صدام لاشاري قتل ڪيس، پوليس مقابلي ۾ صدام جي مارجڻ بعد ساٿي ڄاڻائي گرفتار ڪيل جوابدار اڳ واري بيان تان ڦري ويو، صدام کي نٿو سڃاڻان، عدالت ۾ درخواست داخل، خبر موجب جيڪب آباد پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٺل واسي نوجوان صدام لاشاري جي ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، صدام لاشاري جي مارجي وڃڻ کان پوليس سندس ساٿي ڄاڻائي لعل جان مارفاڻي کي گرفتار ڪيو هو، جيڪو جيل ۾ قيد آهي، جوابدار ڪالهه جوڊيشل مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته صدام لاشاري کي آئون نٿو سڃاڻان، پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ گهر ڀاتين کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ مون کان صدام لاشاري جي ساٿاري هئڻ جو بيان ڏياريو، جيڪو منهنجو 164 جو اقراري بيان ڪوڙو آهي، مون پريشر ۾ اچي اهڙو بيان رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته لعل جان مارفاڻي پاران درخواست داخل ڪرڻ کانپوءِ ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي، 23 سيپٽمبر تي پڻ بيان رڪارڊ ڪيو ويندو، صدام لاشاري جي وڪيل روشن ڪنڊراڻي ٻڌايو ته پوليس صدام لاشاري کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ کانپوءِ لعل جان مارفاڻي کي گرفتار ڪري پڻ ڪوڙو بيان ڏياريو هو ته صدام لاشاري جي مارڻ وقت پوليس کيس مقابلي ۾ گرفتار ڪيو ۽ اسان گڏجي ڏوهه ڪندا هئاسين، صدام جو ساٿاري ڄاڻايل شخص لعل جان مارفاڻي پنهنجي اقراري بيان تان ڦري ويو آهي، جنهن جو فائدو صدام جي وارثن کي پوندو.