ڪراچي(نمائندن وٽان) ٺل واسي نوجوان صدام لاشاري کي جيڪب آباد پوليس پاران مبينا طور فل فراءِ ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي
ٺل ۾ سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي احتجاجي ريلي، ميونسپل ڪميٽي کان نڪتل احتجاجي ريلي فاروق اعظم چوڪ وٽ ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي
جوهي ۾ به صدام لاشاري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج، مخدوم بلاول پارڪ کان ڊاڪٽر منظور چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
ڪنڌرا ۾ شاگرد يونين جي سڏ تي شاھي بازار کان پريس ڪلب ڪنڌرا تائين ريلي ڪڍي وئي جتي مظاهرين قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف نعريبازي ڪئي
اڳواڻن چيو ته صدام لاشاري کي سوشل ميڊيا جي هڪ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪرڻ تان پوليس پاران قتل ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس وٺڻ باوجود ايس ايڇ او خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي آهي، ڪوڙي مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
هي به پڙهندا