جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي آباد پوليس هٿان 29 مئي 2023 تي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٺل واسي نوجوان صدام لاشاري جي قتل بابت عدالتي جاچ جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران صدام لاشاري جي ڀيڻ حسينا لاشاري، جاويد ساگر سندس وڪيل محمد نواز رند، غلام حسين شاهه، روشن ڪنڊراڻي پيش ٿيا جڏهن ته الزام هيٺ آيل اڳوڻو ايس ايچ او آباد نبي بخش ڏاهاڻي، اڳوڻو ايس ايچ او ٺل غلام نبي بجاراڻي، اهلڪار غلام مرتضيٰ ۽ شهزادو کوسو پنهنجي وڪيل نديم کوسو سان گڏ پيش ٿيا، عدالت ۾ صدام لاشاري ۽ مخالف ڌر جي وڪيلن دليل ڏنا جنهن کانپوءِ عدالت جاچ مڪمل ڪندي ڌرين کي ٻڌايو ته رپورٽ گهروکاتي کي اماڻي ويندي، جيڪا رپورٽ پاڻ پڌري ڪندا، جڏهن ته عدالت کان ٻاهر اچڻ تي صدام لاشاري جي ڀيڻ حسينا لاشاري ڀاءُ کي ياد ڪندي روئي ويٺي وڪيل آٿت ڏيندا رهيا جنهن سبب عدالتي احاطي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو ان موقعي تي صدام لاشاري جي ڀيڻ حسينا لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي اڪلوتي ڀاءُ جو فرياد الله پاڪ جي بارگاهه ۾ موڪلي ڇڏي آهي الله پاڪ اسان سان انصاف ڪندو صدام کي ايس ايچ او غلام نبي بجاراڻي کنڀي 10 لک رشوت گهري هئي اسان پئسن جي گڏ ڪرڻ لاءِ وقت گهريو ته ڀاءُ کي 2 ڏينهن کانپوءِ آباد ٿاڻي جي حد ۾ مقابلو ڄاڻائي بيگناهه قتل ڪيو ويو هن چيو ته صدام لاشاري جي بيگناهه قتل بابت هلندڙ عدالتي جاچ ۾ هو بيگناهه ثابت ٿيندو منهنجي بيگناهه ڀاءُ جي خون سان ضرور انصاف ٿيندي نظر پيو اچي سڀئي ملوث جوابدار سزا کان بچي نه سگهندا ان موقعي تي صدام لاشاري جي وڪيلن محمد نواز رند، روشن ڪنڊراڻي، غلام حسين شاھه پينل سان گڏجي عدالتي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران صدام لاشاري قتل جي جاچ بابت جوڙيل عدالتي جاچ 5 مهينن کان پوءِ جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو فيصلي کي سيڪريٽ رکي گهروکاتي سنڌ کي اماڻي ڇڏيو آهي هن چيو ته 5 مهينن دوران عدالتي جاچ دوران اسان صدام جي بيگناهي بابت ڪيترائي ثبوت عدالت ۾ جمع ڪرايا آهن صدام کي ٺل جي هوٽل مان 27 مئي تي کنڀڻ کان پوءِ 29 مئي تي آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او اوشاق شر کي رات جي اونداهي ۾ بدلي ڪري نبي بخش ڏاهاڻي کي ايس ايچ او مقرر ڪري انهي رات ئي مقابلو ڄاڻائي صدام لاشاري کي قتل ڪيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته صدام جي بيگناهي بابت 5 شاهدن پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن، عدالت پاران جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ رپورٽ گهروکاتي کي اماڻي وئي آهي گهروکاتو صدام لاشاري جي وڪيلن ۽ وارثن کي نوٽيس جاري ڪري 2 هفتن اندر رپورٽ پڌري ڪري ڇڏيندو.