ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ نوجوان سوشل ورڪر صدام حسين لاشاري کي پوليس پاران 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارڻ خلاف“صدام لاشاري جدوجهد تحريڪ” پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي جاويد ساغر بروهي، جمال جوش ٻرڙو، ڪامريڊ سرواڻ لاشاري، غلام حسين ڪنڊراڻي، لطف الله لاشاري ۽ ٻين چيو ته صدام حسين لاشاري کي ٺل پوليس جي ايس ايچ او غلام نبي بجاراڻي ۽ ٻين اهلڪارن پاران گرفتار ڪري ٽن ڏينهن تائين لاڪپ ۾ رکڻ کانپوءِ آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو، هنن چيو ته مامري تي آءِ جي پاران جاچ ٽيم جوڙي وئي جيڪا جاچ رپورٽ اڃا تائين پڌري ناهي ڪئي وئي، هنن چيو ته صدام لاشاري سماجي براين جي خلاف آواز اٿاريو، جنهن ڪري کيس ماريو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.