واشنگٽن(م ڊ) ڪملا هيرس صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي قبول ڪري ورتي، آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس چيو آهي ته اسرائيل کي دفاع جو حق ملڻ گهرجي پر  غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو المناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ آهي، غزا ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ معاهدي جو وقت اچي ويو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترن ئي معاملن ۾ غير سنجيده انسان آهي، ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيو ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا.ڪملا هيرس ڊيموڪريٽ پارٽي طرفان صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي باقاعده طور قبول ڪري ورتي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪملا هيرس آمريڪي سياسي پارٽي ڊيموڪريٽ پارٽي طرفان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي. نائب صدر لاءِ ٽم والز کي نامزد ڪيو ويو آهي جنهن 2006ع ۾ سياست جي شروعات يرڪ ري پبلڪن ڪانگريس ميمبر کي ٻهراڙي جي تڪ ۾ هارائي ڪئي هئي. ان موقعي تي آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس چيو ڊونلڊ ٽرمپ کي واپس وائٽ هائوس اماڻڻ خطرناڪ هوندو، هو ڪامياب ٿيو ته ڪيپٽل هل تي حملو ڪندڙ انتهاپسندن کي آزاد ڪري ڇڏيندو. ڊيموڪريٽ نيشنل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪملا هيرس چيو ته هاڻي غزا ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ معاهدي جو وقت اچي ويو آهي،  غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو المناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ آهي،هوءَ ۽ صدر جوبائيڊن هن جنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن