ڪراچي: سنڌ ۾ مقرر ٿيل اسپيشل سيڪريٽرين، ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ ڊپٽي سيڪريٽرين جا اختيار تبديل، ان حوالي سان صحت کاتي جي نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري پاران پنهنجي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽرين، ايڊيشنل ۽ ڊپٽي سيڪريٽرين جي اختيارن جي منتقلي بابت جاري ڪيل سرڪيولر موجب  صحت کاتي ۾ 16گريڊ کان مٿي جي سمورن ملازمن ۽ ڊاڪٽرن جي بدلين ۽ مقرري جا اختيار سيڪريٽري صحت پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن، جڏهن ته صحت کاتي جي ملازمن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي موڪل وارا اختيار اسپيشل سيڪريٽري (ايڊمن) حوالي ڪيا ويا آهن، ميڊيڪل جي بنيادن تي موڪل ۽ ميڊيڪل ايجوڪيشن (هائوس جاب) وارا معاملا به اسپيشل سيڪريٽري (ايڊمن)  حوالي ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف هڪ کان 15هين گريڊ تائين جي پيراميڊيڪل اسٽاف جي بدلين ۽ مقررين وارا معاملا ڊائريڪٽر جنرل صحت حوالي ڪيا ويا آهن، ملازمن پاران علاج تي ڪيل 10 لک رپين تائين خرچ جي واپسي وارن معاملن جا اختيار به اسپيشل سيڪريٽري (ايڊمن) حوالي ڪيا ويا آهن، 16هين گريڊ کان مٿي ليئان ( بِنا پگھار ) جي موڪل، اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جا معاملا، ايم ايل اوز ۽ ڊبليو ايم ايل اوز جي ڪيسن توڙي عدالتي معاملا به اسپيشل سيڪريٽري ايڊمن حوالي ڪيا ويا آهن، هڪ کان 4 گريڊ جي ملازمن جي پرڏيهه وڃڻ لاءِ 30 ڏينهن کان گھٽ موڪل وارا اختيار لاڳاپيل ضلعي جي ڊي ايڇ او ۽ گريڊ 5 کان 15هين تائين ملازمن جي 30 ڏينهن کان گھٽ موڪل وارا اختيار ڊي جي صحت حوالي ڪيا ويا آهن، هوڏانهن ناڻي کاتي جي سيڪريٽري پاران اختيارن جي منتقلي واري جاري ڪيل سرڪيولر موجب  ناڻي کاتي جي گريڊ هڪ کان 15هين گريڊ تائين جي ملازمن جي پرڏيهه وڃڻ جي موڪلن وارا اختيار ڊپٽي سيڪريٽري (ايس آر ونگ)، گريڊ 16کان 17هين تائين جي عملدارن جي پرڏيهه وڃڻ لاءِ موڪلن جا معاملا ايڊيشنل سيڪريٽري (ايس آر  ونگ) جڏهن ته 18۽ ان کان مٿي جي گريڊ جي سمورن آفيسرن جي پرڏيهه موڪل وارا اختيار سيڪريٽري فنانس پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن.