ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )سنڌ ڪابينا پاران ڪورونا جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل فنڊ بند ڪرڻ باوجود صحت کاتي 89 ڏينهن جي ڪانٽريڪٽ تي 15 ملازم ڀرتي ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان سيڪريٽري صحت ڪووڊ ايمرجنسي جو جواز ڄاڻائي نوشهروفيروز، دادو، ڪشمور، مٽياري ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾16 هين گريڊ جا 15 نرس ڀرتي ڪيا آهن، عمرڪوٽ ضلعي ۾محمد موسيٰ، ماهوير سنگهھ ۽ پرکو مل نوشهروفيروز ۾ عاشق شاھ، سرفراز سومرو ۽ رابعه ڪمبوه، دادو ضلعي ۾ امبرين عباس، اياز لغاري، ثنا الله لغاري ۽ امتياز علي کي ڀرتي ڪيو ويو.