حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صحت کاتي عدالتي حڪمن کي هوا ۾ اُڏائي ڇڏيو، لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ غيرقانوني طور تي مقرر ڪيل عبدالستار جتوئي جي ڊائريڪٽر جي عهدي تان معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو. ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پاران سيڪريٽري هيلٿ کي خط لکي ٻڌايو ويو آهي ته عبدالستار جتوئي غير ڪلينڪل آفيسر آهي ۽ کيس ڊائريڪٽر جي ڪلينڪل پوسٽ تي مقرر نٿو ڪري سگهجي. ستار جتوئي هڪ وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هو اڃا تائين ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد 3 آڪٽوبر 2024ع تي عبدالستار جتوئي جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرري معطل ڪئي پر عدالت جي حڪم تحت اڃا تائين سنڌ حڪومت کان ڪو به باضابطه نوٽيفڪيشن نه مليو آهي.