صحت کاتي جو ڪمال: قائم علي شاهه جو جيئرو پٽ فوتي قرار

0
18
صحت کاتي جو ڪمال: قائم علي شاهه جو جيئرو پٽ فوتي قرار
صحت کاتي جو ڪمال: قائم علي شاهه جو جيئرو پٽ فوتي قرار

ڪراچي/خيرپور/سکر(نمائندن وٽان/م ڊ) سنڌ صحت کاتي جو ڪمال: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي جيئري پٽ کي سرڪاري رڪارڊ ۾ مرحوم قرارڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾  صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ  جيئري ڊاڪٽر  کي مئل قرار ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ رپورٽ جمع ڪرائي، رپورٽن موجب  صحت کاتي خيرپور ۾ 25 جنوري 2011ع تي ڀرتي ٿيل ڪلارڪ طارق ڇڄڙو جي ڀرتي جعلي هجڻ واري ڪيس ۾  صحت سيڪريٽري، ڊي جي هيلٿ ۽ ايڊيشنل  سيڪريٽري ( سروسز) تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي هئي  صحت کاتي پاران عدالت ۾  پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 24 اپريل 2008ع کان پهرين جون 2011ع تائين ڊي ايچ او خيرپور رهندڙ  ڊاڪٽر لياقت شاهه فوت ٿي چڪو آهي. واضح رهي ته ڊاڪٽر لياقت علي شاهه هن وقت  خيرپور جي سرڪاري اکين جي اسپتال ۾ ڪانٽريڪٽ تي انچارج مقرر ٿيل آهي. ڊاڪٽر لياقت علي شاهه تي الزام آهي ته هن پنهنجي دور ۾ 161 من پسند ملازم ڀرتي ڪيا هئا،  ھوڏانھن رابطي تي ڊاڪٽر سيد لياقت شاهه ٻڌايو ته سيڪريٽري هيلٿ پاران عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ بابت مون کي ڪابه خبر ناهي، سيڪريٽري پاران اِن حوالي سان مون کي ڪو به ليٽر ناهي اماڻيو ويو، جيڪڏهن اهڙو ڪو لٽر اچي ٿو ته پوءِ آئون پنهنجو موقف ڏيندس. هوڏانهن  ڪوشش باوجود صحت واري سيڪريٽري ريحان بلوچ جو موقف ملي نه سگهيو