ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) صحت  واري نگران صوبائي وزير کاتي جي سمورن آفيسرن جي استعمال هيٺ گاڏين جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ان حوالي سان نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز هدايت ڪئي آهي ته صحت کاتي جي سرڪاري گاڏين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ساڳئي وقت غيرلاڳاپيل آفيسرن کان سرڪاري گاڏيون واپس ڪرايون وڃن، هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته گاڏين جا تفصيل جمع نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندن خلاف ڪاروايون ڪيون وينديون.