صحت لاءِ 381 ارب مختص: پي پي ايچ آءِ کي 16.5 ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي 16.7ارب ملندا

0
29
صحت لاءِ 381 ارب مختص: پي پي ايچ آءِ کي 16.5 ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي 16.7ارب ملندا
صحت لاءِ 381 ارب مختص: پي پي ايچ آءِ کي 16.5 ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي 16.7ارب ملندا

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران صحت کاتي جي بجيٽ وڌائي 381.83 ارب روپيا ڪئي وئي، جنهن مان 336.46 ارب سروس ڊليوري ۽ 45.37 ارب روپيا ترقياتي بجيٽ لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان پيپلز پرائمري هيلٿ انيشيٽو (پي پي  ايچ آءِ) لاءِ 16.5 ارب، اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي لاءِ 16.7 ارب، ايس آءِ وي ڊي جي سمورن سينٽرن لاءِ 13 ارب، گمس لاءِ 10 ارب، گمس ۾ ئي گائني ٿراپي ۽ ڪينسر جي علاج لاءِ 4.7 ارب، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي  ايچ) لاءِ 6.6 ارب،  ايس آءِ يو ٽي لاءِ 19 ارب، لاڙڪاڻي ۾ نئين اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ 10 ارب ، انڊس اسپتال ڪراچي لاءِ 12 ارب، 508 ايمبولينسن جي آپريشن، 25 ريپڊ ريسپانس ۽ 12 ٻيڙين ۾ هلندڙ ايمبولينسن لاءِ 5.2 ارب رپيا ۽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 362 فيڪلٽي ميمبرن (پروفيسرن کان ليڪچرارن تائين) جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي لاءِ 76.5 ڪروڙ رپيا رکيا ويا.