ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز)گڙدن جي خرابي هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن جي وقت سر سڃاڻپ نه ڪئي وڃي ته اها موتمار به ٿي سگهي ٿي. گڙدن جي بيماري جو وقت سر پتو نه لڳايو وڃي ته ڊائلاسز ۽ ٽرانسپلانٽ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.هتي اسان توهان کي گڙدن جي خرابي جون اهي علامتون ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪي ماهر بيان ڪندا آهن. پيشاب ۾ تبديلي: هر هر پيشاب اچڻ، گهٽ پيشاب اچڻ، جهڳ وارو پيشاب اچڻ گڙدن جي خرابي جي علامت ٿي سگهي ٿو. الٽي اچڻ: الٽي اچڻ، خاص طور صبح جي وقت يا وري کاڌي کانپوءِ گڙدن جو مسئلو ٿي سگهي ٿو. سوڄ: هٿن، پيرن سميت جسم جي ٻين حصن تي سوڄ به گڙدن جي خرابي جي علامت ٿي سگهي ٿي. خارش: گهڻي خارش ٿيڻ، جيڪا اڪثر زهريلو مواد جمع ٿيڻ سبب ٿيندي آهي، گڙدن جي مسئلي جي علامت ٿي سگهي ٿي. نوٽ: توهان کي جيڪڏهن اهڙيون علامتون هجن ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو، ياد رکو ته گڙدن جي بيماري جي روڪٿام لاءِ وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج تمام ضروري آهي.